شاهه واهه 2

شاهه واهه 2: هيءُ واهه نصرپور شهر ۾ هوندو هو، ڪنهن دور ۾ ساڱرو درياهه هن شهر سان لڳ وهندو هو. وڏا واهه کوٽايل هئا. جن جي ذريعي شهر کي پاڻي پهچائڻ جو انتظام ڪيل هو. انهن ۾ مکيه واهن مان ‘شاهه واهه’ به هڪ هو. شاهه واهه، شهر جي بلڪل وچ مان وهندو هو، جتي هن وقت گل محمد ڪنڀار وارن جون ٿانوَن پچائڻ جون آويون آهن. ڪنهن زماني ۾ واهه جي ڪپر سان وڏي مارڪيٽ ٺهيل هئي، جتي درياهه جي پتڻ کان شاه واهه ذريعي مال سان ڀريل ٻيڙيون ان مارڪيٽ جي سامهون اچي لنگر انداز ٿينديون هيون. ان کان سواءِ واپار لاءِ اتي هميشه ٻيڙيون هلنديون هيون، جن جي رستي شهر جي ٻنهي طرفن کان ماڻهن جي اچ وڃ ۾ سولائيءَ سان ٿيندي هئي. شاهه واهه جي ٻنهي ڪپرن، يعني اولهه ۽ اوڀر ۾ لڳولڳ گهر، دڪان ۽ بازارون هيون. حڪيم قاضي محمد بخش جي پراڻي دواخاني جي ڀرسان انهيءَ شاهه واهه کي پار ڪرڻ لاءِ هڪ پُل پڻ ٻَڌل هئي، جيڪا هن وقت ناهي ۽ نه ئي شاهه واهه جو ڪو وجود باقي آهي.
ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ پنهنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايو آهي ته، “ڪن روايتن مطابق ‘شاهه واهه’ ساڳيو ‘ميرزائي واهه’ جي نالي سان پڻ سڏبو هو.” شاهه واهه جي اولهندي ڪناري تي مائي خيري (فاتح سنڌ مير فتح علي خان ٽالپر جي ماءُ) هڪ مسجد جوڙائي هئي. هن وقت اها مسجد نصرپور شهر جي اتر ۾، متعلوي سيدن جي حويليءَ جي ڀڪ سان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو